مولانا کي ڪيئن روڪجي…؟ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

مولانا کي ڪيئن روڪجي…؟ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو


ترجيح

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏن وزيرن ۽ گورنرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ حڪومت جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي اپوزيشن سان ان جي مطالبن تي ڳالهائيندي.

ڪور ڪميٽي ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال سميت مهانگائي خلاف قدمن جو به جائزو ورتو، جڏهن ته پارٽي جي صوبائي تنظيمن کي ٽوڙڻ تي به غور ويچار ڪيو ويو.

تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ بنا دير مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان شرڪت ڪندڙن کي سعودي عرب ۽ ايران جي دورن بابت اعتماد ۾ ورتو.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت اپوزيشن جا جائز خدشا ضرور ٻڌندي پر ملڪ کي هن وقت گهڻا خطرا آهن، حڪومت معيشت ۽ ڪشمير جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، اسان ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي وڙهي رهيا آهيون.

The post مولانا کي ڪيئن روڪجي…؟ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages