

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ آهي ته اسان هٿيارن جي ڊوڙ جو حصو نٿا بڻجڻ چاهيون، پاڪستان پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ڄاڻي ٿو ڀلي ڪير رافيل رکي يا ڪجهه ٻيو.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڪندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڪشميري، ڀارتي ظلم ۽ ستم جي ڪري مسئلن جو شڪار آهن.
ڪرتارپور راهداري بابت ڳالهائيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته پاڪستان هر سطح تي والاريل ڪشمير جي صورتحال کڻي رهيو آهي، اُتي لکين ماڻهو محصور ۽ کليل جيل ۾ بند آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان ڪشميرين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشان آهيون، آمريڪي سينيٽرن جي آمد ۽ ڪشمير جو دورو خوشي ڏيندڙ آهي.
هن چيو ته اميد آهي ته انهن قدمن سان ڪشمير جي صورتحال سڀني جي سامهون اچي چڪي آهي.
هن چيو ته اسان هر جاءِ والاريل ڪشمير جو معاملو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2 کان 3 ڀيرا ثالثي جي آڇ ڪئي، ان مسئلي کي اسلامي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ کنيو ويو آهي.
ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته هي هڪ جهد مسلسل آهي ڀارت ان معاملي ۾ اڪيلو ٿي چڪو آهي کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو هاڻ ڇا ڪري.
هي به پڙهي سگهو ٿا:والاريل ڪشمير ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو جون حياتيون خطري ۾ آهن :ڊاڪٽر محمد فيصل
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان جو اِهو ئي مطالبو آهي ته والاريل ڪشمير مان فوري پابنديون هٽايون وڃن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو خاتمو ڪيو وڃي.
هن چيو ته ڀارت جيان 80 لک ماڻهو جيلن ۾ بند ڪيا ويا آهن، هو انسان آهن، مسلمان آهن ۽ انهن کي مدد جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته اسان پراميد آهيون ته ڪرتارپور راهداري پنهنجي طئي ٿيل منصوبي تائين کليل رهندو پر ان جي افتتاح جي حتمي تاريخ طئي ناهي ڪئي.
هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته گذريل سال وزير اعظم عمران خان جي واعدي موجب ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪيو وڃي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڪرتارپور راهداري جي افتتاح لاءِ من موجن سنگهه کي باقاعده پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني وئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ هٿيارن جي ڊوڙ بابت اسان جو موقف آهي ته پاڪستان ڪنهن خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هن حڪومت جو ڌيان انساني بنيادن تي ترقي، تعليم ۽ صحت ڏانهن آهي.
هن چيو ته اسان سڄي دنيا کان اصرار ڪيون ٿا ته ان خطي کي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ نه ڌِڪيو پر ڪٿي ضرورت پئي ته 27 فيبروري توهان جي آڏو آهي، اسان پنهنجو بچاءَ ڪرڻ ڄاڻون ٿا پوءِ ڀلي رافيل هجي يا ڪو ٻيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته ڀارت کان اسان کي ڪنهن خير جي اميد ناهي، ان ڪري اسان کي ان تي ڪا به پريشاني ناهي، جيڪي هنن سان گڏ بيٺا آهن بيٺا رهن اسان پنهنجي جاءِ تي بيٺا رهنداسين.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته وزير اعظم عمران خان چين جو سرڪاري دورو ڪيو، جنهن ۾ گڏيل ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون.
هن چيو ته وزير اعظم جون چيني سياسي قيادت سان ملاقاتون ٿيون ۽ هر شعبي ۾ سهڪار کي وڌائڻ تي اتفاق راءِ ڪيو ويو.
ڊاڪٽر محمد فيصل چيو ته سي پيڪ جو ٻيون مرحلو تيزي سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي بڻائي وئي ۽ سي پيڪ جا اثر هر جاءِ پهچڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن.
ترجمان چيو ته چيني صدر ڪشمير تي پاڪستاني موقف جي حمايت ڪئي، ان کي نامڪمل ايجنڊا قرار ڏنو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته وزير اعظم عمران خان جي ايران ۽ سعودي عرب جي دوري جا امڪان آهن.
هن چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جو دوري تي جلد اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويندو.
ترڪي جي حوالي سان ڳالهائيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته اسان شام ۾ موجود تڪرار جي سياسي حل جي ڳولا جي ڪوششن ۾ ترڪي جي مثبت ڪردار کي ساراهيون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته اسان 35 لک شامي پناهه گيرن کي پنهنجي سر زمين تي پناهه ڏيڻ تي ترڪي جي انساني ڪوششڻ کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.
Weekly Briefing by the Spokesperson can be accessed on the following link:https://t.co/8ulgCTrb8Z
— Dr Mohammad Faisal (@ForeignOfficePk) October 10, 2019
The post ڀارت رافيل رکي يا ڪجهه ٻيو، بچاءُ ڪرڻ ڄاڻون ٿا…..! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment