ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صنم سعيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ جڏهن هالي ووڊ فلمن تي پابندي نه آهي ته اسان جي پنهنجي پاڪستاني فلم “درج” تي پابندي ڇو لڳائي وئي آهي؟
مشهور اداڪار ۽ ماڊل صنم سعيد پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پاڪستان ۾ درج جهڙين فلمن تي پابندي ڇو لڳائي ويندي آهي؟
Why are films like #Durj
Banned. If Hollywood films with all their sexual innuendos and violence and dark topics can play in our cinemas then why can’t our independent out of the box films like Durj be played??@shamoonAbbashttps://t.co/xV5vZ1cKtx— Sanam Saeed (@sanammodysaeed) October 14, 2019
هن لکيو ته جيڪڏهن هالي ووڊ جهڙيون فلمون اسان جي سينيما گھرن ۾ هلي سگھن ٿيون جن ۾ جنسي نوعيت ۽ تشدد ڏيکاريو ويندو آهي ته پوءِ اسان جي پنهنجين پاڪستاني “درج” جهڙين فلمن کي سينيما گھرن ۾ ڇو نٿو ڏيکاري سگھجي؟
هوڏانهن شمعون عباسي جي فلم “درج” کي لنڊن جي سينيما گھرن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ماڻهن طرفان ان فلم کي گھڻو پسند ڪيو پيو وڃي.
ان حوالي سان شمعون عباسي به ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ماڻهو اسان کي تصويرون ۽ ويڊيوز موڪلي رهيا آهن ۽ فلم بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن، اسان سمورن ناظرين جا ٿورائتا آهيون.
People are sending us their experiences thru pictures and videos and we are thankful to the audiences reaching to watch #DURJ in their countries pic.twitter.com/qCmNZMuhGD
— Shamoon Abbasi official (@shamoonAbbasi) October 12, 2019
واضح رهي ته هن وقت تائين پاڪستان جي سينيما گھرن ۾ فلم درج کي ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
The post فلم درج تي پابندي صنم سعيد کي ڏکارو ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment