ڀارت جي بچاءَ واري وزير جا پاڪستان مخالف بيان رد…!! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 15, 2019

ڀارت جي بچاءَ واري وزير جا پاڪستان مخالف بيان رد…!!


بچاءَ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي بيانن جي مذمت ڪندي انهن کي رد ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل طرفان چيو آهي ته اسان ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ جي سنڌ طرف هريانا ۾ چونڊ ريلي دوران ڏنل تازي بيانن جي مذمت ڪيون ٿا.

هن چيو ته ڀارتي حڪومت جي هڪ سينيئر وزير طرفان اهڙا نفرت جوڳا بيان ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) جي انتهاپسند نظريي، ۽ پاڪستان مخالف ذهنيت جي عڪاسي ڪن ٿا.

ترجمان چيو ته اهو عمل انتهائي غير ذميواراڻو آهي ته ڀارت جو بچاءَ وارو وزير هڪ خومختيار ملڪ کي ٽوڙن جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اسان کي يقين آهي ته عالمي برادري ان تي ڌيان ڏيندي.

پرڏيهي ترجمان واضح ڪيو ته راج ناٿ سنگهه کي ان ۾ ڪو به شڪ نه هئڻ گھرجي ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام مادر وطن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻيندا آهن ۽ اهي دشمن جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪابينا اجلاس: عمران خان وڏن وزيرن کي طلب ڪري ورتو…!

ڊاڪٽر فيصل چيو ته اسان دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن تي به ڀارت  جي ناڪاري بيانن کي  رد ڪيون ٿا، ڀارت پهريان پاڻ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام خلاف جاري رياستي دهشتگردي کي بند ڪرڻ ۾ پنهنجي مدد ڪري، ان سان گڏوگڏ ڀارت پاڪستان خلاف دهشتگردي جو مالي سهڪار ڪرڻ به بند ڪري.

هن چيو ته هڪ قائم ٿيل طريقو آهي ته جڏهن ڀارت ۾ چونڊون ٿينديون آهن ته بي جي پي جي قيادت پنهنجن اميدوارن جي حمايت لاءِ پاڪستان مخالف جذبن کي ڀڙڪائڻ تي  ڀاڙيندي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان اڳ به ان ڳالهه تي زور ڏئي چڪا آهيون ته چونڊن ۾ فائدي لاءِ مقامي سياست ۾ پاڪستان کي گيهلڻ بدران بي جي پي کي پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊ ۾ حصو وٺڻ گھرجي.

واضح رهي ته ڀارت جي بچاءَ واري وزير هڪ چونڊ ريلي ۾ پاڪستان خلاف هڪ ڀيرو وري ذهر اوڳاڇتو هو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب راج ناٿ سنگھه چيو هو ته پاڪستان جيڪڏهن پنهنجي سرزمين تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنجيدهه آهي ته ڀارت ان جي مدد  ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ضرورت وڌي ته ڀارت ان سلسلي ۾ پنهنجي هٿياربند فوج پاڪستان موڪليندو.

ڀارتي وزير اهو به چيو هو ته اوهان 1947ع ۾ ٻه قومي نظريي تي ڀارت کي 2 حصن ۾ ورهايو پر 1971ع ۾ توهان جو پنهنجو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ جيڪڏهن اها ئي صورتحال جاري رهي ته ڪا به طاقت پاڪستان کي وڌيڪ ٽٽڻ کان نٿي روڪي سگهي.

The post ڀارت جي بچاءَ واري وزير جا پاڪستان مخالف بيان رد…!! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages