پرويز مشرف خلاف قتل ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست رد…..! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 10, 2019

پرويز مشرف خلاف قتل ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست رد…..!


قتل ڪيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف عبدالرشيد غازي قتل ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست کي ٻڌڻي نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو.

وفاقي راڄڌاني جي عدالت ۾ چيف جسٽس اطهر من الله پاڪستان سوشل ميڊيا اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان پرويز مشرف جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي عدالت طرفان سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ويو ته پرويز مشرف جي خلاف ڪيس 2013ع ۾ ٿيو هو اڃان اِهو معاملو ڪهڙي جاءِ تي آهي، ان تي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ان ڪيس جو چالان 2014ع ۾ عدالت ۾ جمع ٿيو.

وڪيل جي جواب تي عدالت پڇيو ته ڪيس ۾ ٽرائل هن وقت تائين مڪمل ڇو ناهي ٿيو؟ پرويز مشرف عدالتي مفرور ته ناهي؟

هي به پڙهي سگهو ٿا:پرويز مشرف لاءِ ڏکيائين ۾ واڌ، غداري ڪيس تي روز ٻڌڻي ٿيندي

عدالت پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي جاري رکندي درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جي پارٽي جو پرويز مشرف جي ڪيس سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته پرويز مشرف اڳوڻو صدر رهيو آهي، اسان ان ڪري هتي آيا آهيون.

ان تي عدالت جي جج ريمارڪس ڏنا ته نه ته توهان ڌر آهيو ۽ نه ئي مفرور جوابدار پرويز مشرف عدالت ۾ موجود آهي، ان ڪري جيڪڏهن پرويز مشرف واپس اچي ته پوءِ ان ڪيس کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو.

بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ درخواست کي ٻڌڻي نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته اسلام آباد جي لال مسجد ۾ آپريشن ۾ عبدالرشيد غازي جي قتل جو ڪيس آبپاره ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:سنگين غداري ڪيس: پرويز مشرف جو وڪيل دفاع مقرر

ياد رهي ته 2007 ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ لال مسجد ۽ ان جي ڀرسان جامعه حفصه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ مسجد جي نائب خطيب عبدالرشيد غازي ۽ سندس ماءُ سميت 100 کان وڌيڪ ڄڻا مارجي ويا هئا.

ان وقت پرويز مشرف جي حڪومت اِهو موقف اختيار ڪيو هو ته لال مسجد ۾ شدت پسندن پناهه وٺي رکي آهي جيڪي رياستي قانون جي عملداري کي قبول ناهن ڪندا.

The post پرويز مشرف خلاف قتل ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست رد…..! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages