

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي چيئرمين شباهت شاهه چيو آهي ته ٽوئيٽر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته هو حڪومت جا تصديق ٿيل اڪائونٽ اطلاع کان اڳ ۽ پاڪستان حڪومت سان صلاح مشوري کان سواءِ معطل نه ڪندو.
واضح رهي ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ ڪيترن ئي واهپيدارن طرفان والاريل ڪشمير ۾ پيش آيل واقعا پوسٽ ڪرڻ تي ٽوئيٽر اڪائونٽ ۽ ٽوئيٽس معطل ڪرڻ بابت شڪايتون ڪيون ويون هيون.
ڄاڻايل شڪايتون صحافين، سماجي ڪارڪنن، حڪومتي عهديدارن ۽ پاڪستان فوج جي فينز طرفان ڪيون ويون هيون جن والاريل ڪشمير جي آزادي جي حمايت ۾ ٽوئيٽ ڪيا هئا.
انهي دوران پاڪستان ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ان حوالي سان هيش ٽيگ #StopSuspendingPakistanis به ٽرينڊ ڪري رهيو هو.
ان کان پوءِ حڪومت ٻڌايو هو ته ٽوئيٽر طرفان 2 سئو اڪائونٽ معطل ڪيا ويا هئا، گڏ ئي ٽوئيٽر کي ڪشميرين ۽ ان جي حامين کي خاموش ڪرائڻ لاءِ ڀارت جي مدد ڪرڻ تي مورد الزام به قرار ڏنو ويو هو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: پاڪستاني عوام لاءِ خوشخبري، هاڻ موٽر سائيڪل بنا پيٽرول جي هلندي
ثوئيٽر طرفان معطل ڪيل اڪائونٽن جي فهرست ۾ ڪجهه سرڪاري عهديدارن جا ٽوئيٽر هينڊلز به شامل آهن.
19 آگسٽ تي ٽوئيٽر جي وائيس پريزيڊنٽ ٽرسٽ اينڊ سيفٽي، ڊيل هاروي کي لکيل خط ۾ نيشنل آءِ ٽي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي چيئرمين شباهت علي شاهه چيو هو ته پاڪستان صارفن جا اڪائونٽ ڪنهن وارننگ يا ڪنهن اڳواٽ اطلاع ڏيڻ کان سواءِ بند ڪيا پيا وڃن.
هن ٽوئيٽر کان اڪائونٽ معطل ڪرڻ کان اڳ تڪراري مواد حڪومت جي نوٽيس ۾ آڻڻ جي درخواست ڪئي هئي.
چيئرمين اين آءِ ٽي بي ٽوئيٽر کان حڪومتي عهديدارن جي اڪائونٽس جي تصديق ڪرڻ جي درخواست به ڪئي هئي، ان حوالي سان شباهت علي شاهه چيو هو ته اختيارين کي نوٽيس ڏيڻ کان سواءِ حڪومت جا اڪائونٽ معطل نه ڪرڻ گھرجن.
سندس چوڻ هو ته حڪومت به سرڪاري اڪائوٽس تان شيئر ڪيل مواد ڏسندي ۽ ان جي خلاف موصول ٿيندڙ شڪايتن جو جائزو وٺندي.
چيئرمين شباهت شاهه ٽوئيٽ ڪيو ته ٻن مهينن جي ڪوشش کان پوءِ ٽوئيٽر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته هو حڪومت جا تصديق ٿيل اڪائونٽس پيشگي اطلاع ۽ پاڪستان حڪومت سان صلاح مشوري کان سواءِ معطل نه ڪندا.
ڄاڻايل اعلان کان پوءِ ميڊيا رپورٽون سامهون آيون ته ٽوئيٽر پاڪستاني اڪائونٽ معطل نه ڪندو يا حڪومت جي مداخلت کان سواءِ اڪائونٽ معطل نه ڪندو.
هڪ خانگي ٽي وي چينل ٽوئيٽر انتظاميا چيو ته تمام پاليسين کي منصفاڻي طريقي سان لاڳو ڪيو ويندو آهي، سياسي نظرين ۽ شهريت کان بالاتر ٿي سمورن واهپيدارن جي غير جانبداري کي يقيني بڻايو ويندو آهي.
After 2 months effort, Twitter agrees on a new cadence. They will not suspend govt verified accounts without prior intimation and consultation with PK government.@NationalITBoard @ImranKhanPTI @pid_gov@arslankhalid_m pic.twitter.com/vG9C5sBi7k
— Shabahat Ali Shah (@ShabahatAShah) October 9, 2019
The post ٽوئيٽر سرڪاري اڪائونٽ معطل ڪرڻ کان اڳ حڪومت کي آگاهه ڪرڻ جو پابند appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment