

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري کي مولانا فضل الرحمان سان رابطن ۽ کيس ڌرڻي کان روڪڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم عمران خان مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه ۽ ڌرڻي کان روڪڻ جو ٽاسڪ ڏنو.
وزيراعظم ڌرڻي بابت سموري ڄاڻ طلب ڪندي ان کي روڪڻ يا منهن ڏيڻ جي حوالي سان سفارشون تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
هي به پڙهي سگهو ٿا: مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ تي يوٽرن وٺي ڇڏيو…!
ذريعن موجب وزيراعظم طرفان ذميواري ملڻ کانپوءِ نور الحق قادري طرفان مولانا فضل الرحمان سان جلد رابطي جو امڪان آهي.
مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير سفارشون تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪندو، جڏهن ته وزيراعظم سفارشن جي روشني ۾ اعليٰ سطحي اجلاس گهرائي صلاح مشورو ڪندو.
واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان گذريل ڏينهن آزادي مارچ جي تاريخ تبديل ڪندي چيو هو ته آزادي مارچ 27 نه پر 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندو، 31 آڪٽوبر کان اڳ ڪو جلوس اسلام آباد ۾ داخل نه ٿيندو.
هي به پڙهي سگهو ٿا: آزادي مارچ جي اجازت ڏيو: جي يو آءِ (ف) جي اسلام آباد انتظاميا کي درخواست
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته 27 آڪٽوبر تي جلوس ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ڪڍيا ويندا، جڏهن ته 27 آڪٽوبر کانپوءِ سمورا جلوس 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا، 27 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهائينداسين، ان ڏينهن ريليون ڪڍيون وينديون، ڪاري ڏينهن کانپوءِ ڪارڪن اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع ڪندا.
ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان اعلان ڪندي چيو هو ته حڪومت مخالف ”آزادي مارچ“ 27 آڪٽوبر کان شروع ڪنداسين.
کارکن پرامن انداز میں 27 اکتوبر کو اسلام آباد کا رخ کریں
آزادی مارچ کے حتمی انتظامات کو مکمل کرنے کی ہدایات#AzadiMarch27October pic.twitter.com/Vgqd6i3jGl— Jamiat Ulama-e-Islam Pakistan (@juipakofficial) October 9, 2019
The post مولانا کي راضي ڪرڻ لاءِ وزيراعظم سرگرم…! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment