انعام بٽ ڪشميرين کي انعام ڏئي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

انعام بٽ ڪشميرين کي انعام ڏئي ڇڏيو


انعام

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايونڪ ورلڊ بيچ گيمز ۾ سون جو ٻلو کٽيندڙ پهلوان انعام بٽ پنهنجو ميڊل ڪشميري عوام جي نالي ڪري ڇڏيو.

انعام بٽ پهلوان اينوڪ ورلڊ بيچ گيمز ۾ سون جو ٻلو کٽي جڏهن لاهور ايئرپورٽ تي پهتو ته ساٿي پهلوانن دهل وڃائي ڊانس ڪري گولڊ ميڊلسٽ جي شاندار آجيان ڪئي ۽ انعام بٽ زندهه آباد جا نعرا لڳايا.

انعام بٽ جي آجيان ڪرڻ لاءِ خاص طور تي سندس اباڻي شهر گوجرانوالا مان به هن جا ساٿي پهلوان لاهور پهتا ۽ قومي چيمپيئن کي گلن جا هار پارائي ڀليڪار چيو.

وطن واپسي تي انعام چيو ته عالمي سطح تي اهو سندس چوٿون ميڊل آهي جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو ميڊل ورلڊ بيچ گيمز ۾ حاصل ڪيو جتي پاڪستان طرفان نمائندگي ڪندڙ آئون اڪيلو ايٿليٽ هيس.

هن چيو ته وسيلن جي کوٽ  باوجود ميڊل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ان جو سبب سڀني طرفان حوصلا افزائي آهي، واپڊا کاتي کان سواءِ پاڪستان اسپورٽس بورڊ پنجاب ۽ ميڊيا گھڻو سپورٽ ڪيو.

قومي پهلوان چيو ته اها سٺي روايت آهي ته ٻين راندين جا رانديگر به حوصلا افزائي لاءِ اڳتي اچي رهيا آهن، شعيب ملڪ ۽ وهاب رياض سوڌو ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن سوشل ميڊيا تي پيغام موڪليا جنهن مان گھڻو حوصلو مليو.

سندس چوڻ هو ته ايونٽ ۾ شرڪت کان اڳ ئي چيو هو ته ميڊل ڪشميري ڀينرن، ڀائرن جي نالي ڪندس، خوشي آهي ته ميڊل کٽيو آهي جيڪا هاڻ آئون ڪشيمري عوام جي نالي ڪري رهيو آهيان جن تي ظلم ٿي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هاڻ هدف سائونٿ ايشين گيمز آهن، ان ۾ ڪيترائي پهلوان مختلف ڪيٽيگريز ۾ حصو وٺندا پر هن وقت تائين ڪيمپ جو باقاعدا بندوبست ناهي ڪيو ويو.

The post انعام بٽ ڪشميرين کي انعام ڏئي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages