عاطف اسلم جي خوبصورت انداز ۾ گھرواري کي سالگرهه جي مبارڪ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

عاطف اسلم جي خوبصورت انداز ۾ گھرواري کي سالگرهه جي مبارڪ


سالگرهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور گلوڪار عاطف اسلم جي گھرواري سارا جي سالگرهه جي موقعي تي گلوڪار جي خوبصورت ۽ پيار ڀري انداز مداحن جي دلين ۾ گھر ڪري ورتو .

عاطف اسلم پنهنجي سريلي آواز  سبب پاڪستان سوڌو سموري دنيا ۾ سڃاتو ويندو آهي.

گلوڪار انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي گھرواري سان هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪئي جنهن جي ڪيپشن ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪري ورتو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:فلم درج تي پابندي صنم سعيد کي ڏکارو ڪري ڇڏيو

عاطف اسلم اها تصوير پنهنجي گھرواري جي سالگرهه جي موقعي تي شيئر ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن سارا جي سالگرهه تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي لکيو ته “اور تم اپني رب ڪي ڪون ڪون سي نعمتون ڪو جهٽلائوگي”…الحمدالله.

گلوڪار ڪيپشن ۾ گھرواري سارا جو ٿورو مڃيندي وڌيڪ لکيو ته آئون اوهان جو گھڻو ٿورائتو آهيان جو اوهان منهنجي زندگي جا ساٿي بڻيئو، ۽ صبر سان ايترن سالن ۾ مون سان گڏ آهيو سالگرهه مبارڪ.

واضح رهي ته گلوڪار عاطف اسلم ۽ سارا جي شادي کي 7 سال ٿي چڪا آهن ۽ مداح سندن جوڙي کي گھڻو پسند ڪندا آهن.

عاطف اسلم جي ان پيغام تي مداحن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ عاطف جي خوبصورت پيغام جي ساراهه ڪئي.

The post عاطف اسلم جي خوبصورت انداز ۾ گھرواري کي سالگرهه جي مبارڪ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages