ڪي پي ڪابينا ۾ ڦيرڦار، پهريون ڀيرو ڪيلاش قبيلي جي ميمبر کي عهدو ڏنو ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 4, 2020

ڪي پي ڪابينا ۾ ڦيرڦار، پهريون ڀيرو ڪيلاش قبيلي جي ميمبر کي عهدو ڏنو ويو


پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ڪابينا ۾ ڏيڍ سال کان پوءِ ئي ڦيرڦار ڪندي 4 وزيرن جا قلمدان تبديل ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 2 نوان وزير، هڪ صلاحڪار ۽ 8 مددگارن کي حڪومتي ٽيم جو حصو بڻايو ويو.

ڪابينا ۾ ڦيرڦار جي پڌرائي موجب صحت وارو کاتو هشام انعام الله کان وٺي شهرام ترڪئي کي ڏنو ويو، هشام انعام الله کي سوشل ويلفيئر جو وزير بڻايو ويو آهي، اڪبر ايوب خان هاڻ تعليم کاتي جو وزير هوندو، جڏهن ته ڊاڪٽر امجد علي خان کان سرنگهه کوٽائي ۽ معدنيات جي وزارت وٺي هائوسنگ واري وزارت ڏني وئي آهي.

محمد اقبال وزير ۽ ملڪ شاهه محمد صوبائي ڪابينا ۾ وزير طور شامل ٿي ويا،  قبيلائي ضلعي اتر وزيرستان سان تعلق رکندڙ محمد اقبال کي ريليف واري کاتي جو وزير ۽ ملڪ شاهه محمد کي ٽرانسپورٽ وارو وزير بڻايو ويو آهي.

اهڙي طرح تعليم واري صلاحڪار ضيا الله بنگش کي ڪامران بنگش جي جاءِ تي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وارو صلاحڪار جڏهن ته ڪامران بنگش کي لوڪل گورنمنٽ ۽ ٻهراڙي ترقي بابت خاص مددگار  بڻايو ويو آهي.

خليق الرحمان کي وڏي وزير جو اعليٰ تعليم بابت صلاحڪار جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

ان کان سواءِ غزن جمال ايڪسائز و ٽيڪسيشن بابت خاص مددگار، ظهور شاڪر اوقاف ۽ مذهبي معاملن بابت خاص مددگار، عارف احمد زئي سرنگهه کوٽائي ۽ معدنيات بابت خاص مددگار ۽ شفيع الله خان کي ڪرپشن جي خاتمي بابت خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي.

تاج محمد کي جيل خانه جات بابت خاص مددگار، احمد حسين شاهه کي بهبود و آبادي بابت خاص مددگار ۽ پهريون ڀيرو ڪيلاش برادري مان اقليتي ميمبر وزير زاده کي اقليتي معاملن بابت خاص مددگار جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن.

The post ڪي پي ڪابينا ۾ ڦيرڦار، پهريون ڀيرو ڪيلاش قبيلي جي ميمبر کي عهدو ڏنو ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages