

لنڊن(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي لنڊن ۾ صحافين کي منهن ڏيڻو پيو ته هن ڪنهن سوال جو جواب نه ڏنو ۽ هو صحافين جي هر سوال تي خاموش رهيو ۽ چپ چاپ گاڏي ۾ ويهي روانو ٿي ويو.
ذريعن موجب شهباز شريف نواز شريف سان لنڊن ۾ ملاقات ڪئي جيڪا لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي.
ملاقات کان پوءِ جڏهن شهباز شريف سان صحافين سوال ڪيا ته هن جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو.
هڪ صحافي سوال ڪيو ته آرمي ايڪٽ تي تنقيد ٿي رهي آهي جنهن تي هن جواب ۾ چيو ته توهان به تنقيد ڪيو ۽ گاڏي ۾ ويهي هليو ويو.
The post صحافين جا سوال، شهباز شريف خاموش…! رڳو هڪ جواب پر انوکو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment