

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت ۾ مسلمانن جو منظم انداز ۾ قتل عام جاري آهي.
وزيراعظم سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڀارتي ميڊيا جي هڪ خبر جاري ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اتر پرديش جي پوليس 6 سال اڳ فوت ٿي ويل مسلمان شخص ۽ 93 ورهين جي بزرگ شهري جو نالو به امن امان ۾ خلل وجهندڙن جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو.
عمران خان لکيو ته ڀارتي پوليس ظلم جي حدن کي ڇُهي رهي آهي ۽ ظلم جا نوان مثال قائم ڪري رهي آهي، ظالم مودي سرڪار جي مسلم ڪش ايجنڊي تحت ڀارت ۾ مسلمانن جو قتل عام جاري آهي.
سفاک مودی سرکار کے مسلم کش ایجنڈے کے تحت ہندوستان میں مسلمانوں کا قتل عام جاری ہے اور بھارتی پولیس بربریت کی نئی مثالیں قائم کررہی ہے۔
https://t.co/BRI9LRHMX3— Imran Khan (@ImranKhanPTI) January 4, 2020
The post ڀارت ۾ مسلمانن جو قتل عام جاري آهي: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment