

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلمساز سرمد کوسٽ اڻڄاتل ماڻهن پاران آن لائن ڌمڪيون ملڻ بعد پنهنجي ايندڙ فلم ‘‘زندگي تماشا’’ کي رليز نه ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سرمد کوسٽ ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌايو هو ته فلم رليز نه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته هو سندس فلم ‘‘زندگي تماشا’’ رليز نه ڪري، جنهن تي هن صدر ۽ وزيراعظم جي نالي تي خط پڻ لکيو هو جنهن ۾ هدايتڪار پاران مدد طلب ڪئي وئي هئي.
ان کان علاوه فلمساز چيف جسٽس آف پاڪستان کان به مدد جي اپيل ڪئي هئي ته سندس فلم ۾ ڪو به اعتراض جوڳو مواد شامل ناهي ان باوجود کيس ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
پنهنجي خط ۾ سرمد کوسٽ ٻڌايو هو ته فلم جي ڪهاڻي هڪ سٺي مسلمان ۽ اسلام جي ڪهاڻي آهي، فلم ۾ هڪ سٺي مولوي کي ڏيکاريو ويو آهي.
سرمد کوسٽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي دوستن کان سوال ڪيو ته ڌمڪيون ملڻ بعد کيس فلم روڪڻ گهرجي يا نه؟ ان سان گڏ ئي هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکيو ته سندس خيال ۾ هن کي فلم روڪڻ گهرجي.
The post ڌمڪيون ملڻ بعد فلم ‘‘زندگي تماشا’’ کي رليز نه ڪرڻ جو امڪان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment