ڏکڻ ڪورين فلم آمريڪي ايوارڊ شو ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 20, 2020

demo-image

ڏکڻ ڪورين فلم آمريڪي ايوارڊ شو ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي

award-show
award-show

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ٿيل مشهور ‘‘اسڪرين ايڪٽرس ان   گلڊ ايوارڊ’’ ۾ پهريون ڀيرو ڏکڻ ڪورين فلم بهترين فلم جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري تاريخ رقم ڪري ورتي.

گذريل 26 سالن ۾ پهريون ڀيرو اسڪرين گلڊ ايوارڊز ۾ انگريزي جي بدران ڪنهن ٻي ٻولي جي فلم کي ‘‘بهترين فلم’’ جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

گذريل سال رليز ٿيل ڏکڻ ڪورين فلم ‘‘پيرا سائيٽ’’ کي بهترين فلم جو ايوارڊ ڏنو ويو، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان فلم ٻين وڏن فلمي ايوارڊن ۾ بهترين فلم جي ڪيٽيگري لاءِ نامزدگي به حاصل نه ڪئي هئي ۽ نه ئي فلم جي ڪاسٽ کي ڪنهن وڏي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.

اسڪرين گلڊ ايوارڊز ۾ مجموعي طور تي فلم ۽ ٽي وي جي شعبن جي 15 ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊز ڏنا ويا، فلم فيسٽيول جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن ڀيري هالي ووڊ اداڪار براڊ پٽ ۽ سندس گهر واري ادڪاره جينيفر آئنسٽن به ساٿي اداڪار ۽ اداڪارا جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو.

ايڪشن اداڪار براڊ پٽ کي گذريل سال رليز ٿيل فلم ‘‘ونس اپان ان هالي ووڊ’’ ۾ شاندار اداڪاري ڪرڻ تي ساٿي اداڪار ۽ سندس اڳوڻي گهر واري جينيفر آئنسٽن کي ايپل ٽي وي جي ريئلٽي شو ۾ ساٿي اداڪارا جو ايوارڊ ڏنو ويو.

بهترين اداڪار جو ايوارڊ ‘‘جوڪر’’ جو ڪردار ڪندڙ اداڪار جيڪوئن فيونڪس کي ڏنو ويو جڏهن ته بهترين اداڪارا جو ايوارڊ برطانوي اداڪارا ريني زيلويگر کي مليو.

The post ڏکڻ ڪورين فلم آمريڪي ايوارڊ شو ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages