وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 20, 2020

وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان


لاهور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر عروج ممتاز ڪپتان بسمه معروف سان گڏ قذافي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، اعلانيل اسڪواڊ ۾ آل رائونڊر ثنا مير کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.

ورلڊڪپ لاءِ اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ بسمه معروف کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرياڻين ۾ ايمن انور، عاليه رياض، انعم امين، عائشه نسيم، ڊيانا بيگ، فاطمه ثنا، ارم جاويد، جويره ودود، منيبه علي، ندا ڊار، عميمه سهيل، ساديه اقبال، سدره نواز ۽ سيده عروب شاهه شامل آهن.

واضح رهي ته وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 21 فيبروري کان 8 مارچ تائين آسٽريليا ۾ شيڊول آهي.

The post وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages