ون ڊي رينڪنگ ۾ عامر جي ترقي، بابر جي ٽين پوزيشن برقرار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 20, 2020

demo-image

ون ڊي رينڪنگ ۾ عامر جي ترقي، بابر جي ٽين پوزيشن برقرار

67810536_10156075889440518_6560718198549774336_o
67810536_10156075889440518_6560718198549774336_o

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ محمد عامر هڪ درجو ترقي ڪندي ستين نمبر تي پهچي ويو.

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ بيٽسمينن جي فهرست ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ٽئين پوزيشن تي برقرار آهي، ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي بدستور نمبر ون تي آهي، روهت شرما ٻئين، فاف ڊوپليسي چوٿين، روس ٽيلر پنجين، ڊيوڊ وارنر ڇهين، ڪين وليمسن ستين، جوءِ روٽ اٺين، ڊي ڪوڪ نائين ۽ ايرون فنچ ڏهين نمبر تي موجود آهي.

بالرن جي فهرست ۾ ڀارتي بالر جسپريت بمرا پهرين، ٽرينٽ بولٽ ٻئين، مجيب الرحمان ٽئين، ڪاگيسو ربادا چوٿين، پيٽ ڪمنرز پنجين، ڪرس ووئيڪس ڇهين نمبر تي موجود آهي، عامر هڪ درجو ترقي ڪري ستين نمبر تي اچي ويو جڏهن ته ميٽ هينري، لوڪي فرگوسن ۽ مچل اسٽارڪ به ٽاپ ٽين ۾ شامل آهن.

The post ون ڊي رينڪنگ ۾ عامر جي ترقي، بابر جي ٽين پوزيشن برقرار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages