پي ايم ڊي سي کي ٽوڙڻ جو صدارتي آرڊيننس غير قانوني قرار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, February 11, 2020

پي ايم ڊي سي کي ٽوڙڻ جو صدارتي آرڊيننس غير قانوني قرار


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) کي ٽوڙڻ جو صدارتي آرڊيننس غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

گذريل پاڪستان ۾ طبي تعليم جي نظام، ان جي ڍانچي ۽ جاچ پڙتال ڪرڻ اداري پي ايم ڊي سي کي 50 سال ٿيڻ کانپوءِ اوچتو بند ڪيو ويو هو ۽ ان جي جاءِ تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جو نئون آرڊيننس صدر عارف علوي طرفان جاري ڪيو ويو هو.

سنڌ حڪومت، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۽ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن اهڙي صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو هو.

ٽنهي لاڳاپيل ڌرين مطالبو ڪيو هو ته ملڪ ۾ طبي تعليم جي نظام سان اهڙو مذاق بند ڪيو وڃي ۽ پي ايم ڊي سي کي بحال ڪيو وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڌرين جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي پي ايم ڊي سي کي ٽوڙڻ جو صدارتي آرڊيننس غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي برطرف ملازمن جي بحالي جو به حڪم ڏنو آهي.

The post پي ايم ڊي سي کي ٽوڙڻ جو صدارتي آرڊيننس غير قانوني قرار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages