چين مان پاڪستانين کي نه ڪڍڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, February 11, 2020

چين مان پاڪستانين کي نه ڪڍڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ


اڪرم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران پرڏيهي وزارت کي چيو آهي ته چين مان پاڪستانين کي نه ڪڍڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي واپسي جي حوالي سان درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ صحت واري وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جا نمائندا عدالت ۾ پيش ٿا، جڏهن ته پرڏيهي وزارت جي ڊي جي چائنا تحريري رپورٽ پيش ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته بنگلاديش سميت ٻيا ملڪ پنهنجي شهرين کي چين مان ڪڍي رهيا آهن، اسان جو سوال رڳو اهو آهي ته اسان پنهنجي شهرين کي ڇو نه پيا ڪڍون؟

ان تي حڪومتي نمائندي ٻڌايو ته 194 ملڪن مان رڳو 23 ملڪن شهرين کي ڪڍيو آهي.

چيف جسٽس چيو 23 ملڪ پنهنجي شهرين کي محفوظ ڪرڻ جا انتظام ڪري سگهن ٿا ته پاڪستان ڇو نه؟ جن ملڪن پنهنجي شهرين کي ڪڍيو، انهن ڪهڙو بندوبست ڪيو؟ آسٽريليا چين مان آيل شهرين کي ڪنهن ٻيٽ تي رکيو، توهان گوادر وٽ رکي ڇڏيو، پاڪستان شاگردن چين ۾ واڙيل آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسان اهو نٿا چئي سگهون ته حڪومت شهرين کي تحفظ ۾ سنجيده ناهي، توهان کي پاڪستان ۾ موجود 20 ملين ماڻهن کي ذهن ۾ رکي فيصلو ڪرڻو آهي.

پرڏيهي وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته چين مان مسافرن جي اچ وڃ تي پابندي آهي، ايئر پورٽن تي اسڪريننگ ڪئي ويندي آهي، چين ڪورونا وائرس سان متاثر ووهان سٽي کي مڪمل لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو آهي، جتان ڪير به حرڪت نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستانين جو خيال رکيو ويندو.

نمائندي جي جواب تي جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسان پنهنجي شهرين کي ڪڍنداسين ته چين سان لاڳاپا متاثر ٿيندا؟ ان تي پرڏيهي وزارت جي نمائندي چيو ته پرڏيهي وزارت ان صورتحال کي مانيٽر ڪري رهي آهي، جيڪو به فيصلو هوندو، اهو ملڪ ۽ شاگردن جي مفاد ۾ هوندو.

پرڏيهي وزارت جي نمائندي وڌيڪ ٻڌايو ته چيني حڪومت کي چيو هو اسان جي سفير کي ووهان وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، چيني حڪومت جو جواب هو ته اهي ڪنهن قسم جي رسڪ نٿا کڻي سگهن.

ان تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا پاڪستاني رياست حلفي بيان ڏيندي ته ڪجهه ٿيو ته ذميوار ڪير هوندو؟ عدالت چاهي ٿي ته رياست پنهنجي شهرين جي ذميواري کڻي، هڪ پاڪستان کي به ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميواري ڪنهن تي هوندي؟

چيف جسٽس پرڏيهي وزارت جي نمائندي کي چيو ته چين مان پاڪستاني شهرين کي نه ڪڍڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي، اسان ان حوالي سان ڪو حڪم نه ڏئي رهيا آهيون، توهان ٻن هفتن جو وقت وٺي ڇڏيو.

The post چين مان پاڪستانين کي نه ڪڍڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages