پنجاب حڪومت جو پوليو کي پاڙئون پٽڻ لاءِ وڏو قدم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, February 11, 2020

demo-image

پنجاب حڪومت جو پوليو کي پاڙئون پٽڻ لاءِ وڏو قدم

punjab
punjab

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار هلندڙ سال هر مهيني پوليو جي خاتمي جي مهم هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي صوبي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير هاءِ رسڪ ضلعن تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پلان تي سئو سيڪڙو عمل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

عثمان بوزدار چيو ته پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ پوليو ڪيس سامهون اچڻ الارمنگ آهي، پوليو ڪيسن وارن ضلعن ۾ انتظاميا کي اثرائتي انداز ۾ ان کي منهن ڏيڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته 17 فيبروري کان پنجاب جي 36 ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ خاص مهم هلائي ويندي، جنهن ۾ ٻه ڪروڙ ٻارن کي ڦڙا پيئاريا ويندا.

هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ چونڊيل نمائندن ۽ نمبردارن جي شموليت ضروري آهي، ڪميونٽي جي شموليت سان پوليو جي خاتمي لاءِ قدم نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿيندا.

The post پنجاب حڪومت جو پوليو کي پاڙئون پٽڻ لاءِ وڏو قدم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages