

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري وزيراعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته مولانا فضل الرحمان خلاف آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.
وزيراعظم عمران خان سان وفاقي وزير فواد چوڌري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان ڌرڻي ۾ خاطرين جي بيان جو جائزو ورتو ويو.
فواد چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان چونڊيل حڪومت خلاف سازش جو اعتراف ڪيو آهي، سندس اعتراف جي روشني ۾ مڪمل انڪوائري ٿيڻ گهرجي، جي يو آءِ سربراهه خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي.
The post فواد چوڌري جو فضل الرحمان تي غداري ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment