

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پارڪ لين ريفرنس ۾ نيشنل بينڪ جا 2 اڳوڻا صدر آصف زرداري جي خلاف سلطاني شاهد بڻجي ويا.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان پارڪ لين ريفرنس ۾ عدالت جي اختيارن واري دائري بابت پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
نيشنل بينڪ جي اڳوڻي صدر سيد علي رضا ۽ سيد قمر حسين نيب جا سلطاني شاهد بڻجي ويا جڏهن ته نيب ٻنهي سلطاني شاهدن کي قانون جي موجب شاهدي ڏيڻ تي معاف ڪري ڇڏيو آهي.
نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نيب آصف علي زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس ۾ 61 شاهد تيار ڪيا ويا آهن، پارڪ لين ۽ پارٿينون زرداري جون ئي فرنٽ ڪمپنيون هيون، ايس اي سي پي اختياريون به شاهدي ڏينديون، نيشنل بينڪ ڪريڊٽ ڪميٽي جا سمورا آفيسر به آصف زرداري جي خلاف شاهدن ۾ شامل آهن، سمورن 61 شاهدن جي ضابطا فوجداري جي قلم 161 جي تحت ريڪارڊ بيان نيب وٽ موجود آهن، سمورا شاهد فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ عدالت ذ۾ به پيش ڪيا ويندا.
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شاهديون گڏ ڪندڙ نيب راولپنڊي جي جاچ ٽيم جا 9 آفيسر به شاهدن جي فهرست ۾ شامل آهن، ڪوڙي اڪائونٽس جي شروعاتي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جو محمد علي ابڙو به شاهد هوندو، قرض وٺندڙ مبينا فرنٽ ڪمپني پارٿينون جي ڪمپيوٽر آپريٽر جي شاهدي به شاهدين جو حصو آهي.
The post پارڪ لين ريفرنس: نيشنل بينڪ جا 2 اڳوڻا صدر آصف زرداري خلاف سلطاني شاهد بڻجي ويا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment