

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنهنجي لکت واري حڪم نامي ۾ چيو آهي ته ريفرنس جي فيصلن ۾ دير جو سبب نيب پاڻ آهي، نيب وٽ نه صلاحيت آهي نه ئي جاچ جو تجربو آهي.
تفصيل موجب سپريم وڪرٽ نيب ڪيسن ۾ دير واري ڪيس جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته نيب ريفرنس جي فيصلن ۾ دير جو سبب نيب پاڻ آهي، نيب وٽ نه صلاحيت آهي نه ئي جاچ جو تجربو آهي ۽ جاچ جو جائزلو وٺڻ جا ڪو پيمانو به ناهي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته نقصن تي ٻڌل جاچ کي ريفرنس ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، چيئرمين نيب کي مرتب ريفرنس جو پاڻ جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، نيب 30 ڏينهن ۾ ريفرنس تي فيصلي کي يقيني بڻائي، فيصلن ۾ دير جو سبب نيب، آفيشل ۽ پراسيڪيوشن ٽيم آهي، نيب چيئرمين جيڪڏهن سمجهي ته هن جي ٽيم جو تجربو مسئلو آهي ته تبديل ڪيو.
عدالت حڪم ڏنو آهي ته نيب پنهنجا رولز مرتب ڪري ايندڙ تي پيش ڪري، نيب چيئرمين ايندڙ ٻڌڻي تي لکت وارو جواب ڏئي. قانون واري سيڪريٽري نين 120 عدالتن جي ڪابينا کان منظوري وٺي ججن جي مقرري جو بيان ڏنو، نين 120 احتساب عدالتن ۾ ججن نيب ريفرنس تي جلد فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هوندي.
The post “نيب وٽ نه صلاحيت آ نه ئي وري جاچ ڪرڻ جو ڪو تجربو آهي“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment