ڪورونا ويڪسين جون 60 ملين خوراڪون وڪرو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, July 29, 2020

ڪورونا ويڪسين جون 60 ملين خوراڪون وڪرو


corona vaccine

لندن  (ويب ڊيسڪ) ڪورونا ويڪسين جي آخري تياري کان اڳ ئي برطانيا دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين سان هڪ معادي تحت 60 ملين ويڪسين جون خوراڪون خريد ڪري ورتيون.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني گلاڪسو سمٿ ڪلائين ۽ سنوفي پيسٽر فرم نالي ٻنهي ڪمپنين سان معاهدو ڪيو طئي ڪيو آهي جنهن تحت  ڪمپنيون برطانيا کي 60 ملين ڪورونا ويڪسين  ڏينديون.

رپورٽ موجب ويڪسين اڃا به تجرباتي مرحلن مان گذري رهي آهي جيئن ئي ٽرائل ڪامياب ٿيو ته ويڪسين جون خوراڪون برطانيا کي فراهم ڪيون وينديون جنهن جو استعمال فوري طور تي ڪورونا مريضن تي شروع ڪيو ويندو.

لاڳاپيل ادارن جو چوڻ  آهي ته برطانيا ۾ ويڪسين اڳ ۾ هيلٿ ورڪرز، ڊاڪٽرن ۽ سوشل ورڪرن تي استعام ڪئي ويندي جيڪي ڪورونا مان متاثر آهن ان کان پوءِ ان جو استعمال عوامي سطح تي به ڪيو ويندو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل ڪمپنيون ويڪسين جو انسانن تي تجربو هلندڙ سال سيپٽمبر کان شروع ڪنديون.

The post ڪورونا ويڪسين جون 60 ملين خوراڪون وڪرو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages