

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ عمران خان ناهي ته پي ٽي آءِ ڪجهه ناهي.
پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان اطلاعات واري وزير شبلي فراز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچپسي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ميڊيا حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ان موقعي تي عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت جو ڌيان عوام جي حقيقي مسئلن تي آهي ۽ ميرٽ جي حڪمراني ترجيح آهي، تحريڪ انصاف جي ٽيم وزيراعظم جي قيادت ۾ متحد آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ عمران خان ناهي ته پي ٽي آءِ ڪجهه ناهي.
هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ رڳو ايمانداري جي سياست ٿيندي، اسان جي ڪارڪردگي جو سڀ کان بهترين جج پاڪستاني عوام آهي.
اپوزيشن تي تنقيد ڪندي شبلي فراز چيو ته هاڻ سياسي يتيم پاڪستان جي سياست مان آئوٽ ٿي چڪا آهن، عمران خان اپوزيشن سميت ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ايندو، اپوزيشن ذاتي مفادن لاءِ سوديبازي ڪرڻ چاهي ٿي، عيد کانپوءِ اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي.
The post عيد کانپوءِ اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي: شبلي فراز appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment