انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 16 رڪني قومي ٽيم جو اعلان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, August 4, 2020

انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 16 رڪني قومي ٽيم جو اعلان


 

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 16 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اعلانيل اسڪواڊ ۾ اظهر علي (ڪپتان)، بابر اعظم، عابد علي، اسد شفيق، فواد عالم، امام الحق، ڪاشف ڀٽي، محمد عباس، محمد رضوان، نسيم شاهه، سرفراز احمد، شاداب خان، شاهين آفريدي، شان مسعود، سهيل خان ۽ ياسر شاهه شامل آهن.

قومي ٽيم جي اعلان جي موقعي تي ڪپتان اظهر علي چيو ته انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي، اميد ته رانديگر بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا.

هن چيو ته ڪوچن طرفان تمام مدد ملي رهي آهي، اسان جا ڪوچ پنهنجي سوچ ٿاپڻ نٿا چاهين، جيڪا سٺي ڳالهه آهي.

سندس چوڻ هو ته منهنجي پرفارمنس سٺي ناهي پر ڪوشش ڪندس ته ڪپتاني سان گڏوگڏ ڪارڪردگي به بهتر بڻايان، ڄاڻان ٿو ته منهنجي ۽ اسد شفيق جي پرفارمنس وڏي اهميت رکي ٿي.

اظهر علي موجب اسان جا فاسٽ بالر نوان پر باصلاحيت ضرور آهن، اهي ڪنهن به ٽيم کي آئوٽ ڪري سگهن ٿا پر بالنگ جي ڀيٽ ۾ اسان جي بيٽنگ لائن تجربي ڪار آهي.

The post انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 16 رڪني قومي ٽيم جو اعلان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages