

لاهور(ويب ڊيسڪ) ٺٽي جي نوجوان جي 11 موٽر سائيڪلن جي مٿان ڊگهو ترين ٽپو ڏيڻ وارو ويڊيو وائرل ٿي وئي ۽ جنهن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي پذيرائي ملي، پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن نوجوان کي لاهور گهرائي ورتو جڏهن ته آمريڪي ايٿليٽ به تعريف ڪري ڇڏي.
Imagine finding him, working on him and preparing him for olympics long jump… pic.twitter.com/kEozipEmvV
— Kalim Khan (@Kallerz37) August 2, 2020
تفصيل موجب ٺٽي جي نوجوان آصف جي 11 موٽر سائيڪلن جي مٿان ڊگهو ٽپو ڏيڻ وارو ويڊيو وائرل ٿي هئي جنهن کي سڄي ملڪ جي عوام طرفان ساراهيو ويو هو ته هي نوجوان اولمپڪ ميڊل کٽي سگهي ٿو ان کي اولمپڪ ۾ پاڪستان جي نمائندگي جو موقعو ڏنو وڃي.
Another clip! pic.twitter.com/SbWE7EJbE7
— Kalim Khan (@Kallerz37) August 3, 2020
ويڊيو وائرل ٿيڻ تي پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن جي صدر اڪرم ساهي آصف کي لاهور گهرائي ورتو ۽ چيو آهي ته اسان جا ڪوچ آصف جو ٽرائلز وٺندا، هن کي لاهور اچ وڃ جو خرچ به ڏنو ويندو.
The post ٺٽي واسي نوجوان ڊگهو ٽپو ڏئي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment