

خيبر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان خيبر پختونخواهه جي ضلعي خيبر ۾ احساس واڌ ويجهه پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاح جي موقعي تي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيا نشتر وزيراعظم کي پروگرام بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ٽن سالن جي واڌ ويجهه پروگرام جي بجيٽ 8.52 بلين رپيا آهي، پروگرام مڪمل طور تي حڪومت طرفان فنڊڊ آهي، حقدارن کي هر ٽئين مهيني وظيفو ڏنو ويندو.
وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻارڙين لاءِ 2 هزار رپيا هر ٽئين مهيني، جڏهن ته ٻارن لاءِ 15 سئو رپيا وظيفو مقرر ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر ثانيا نشتر چيو ته ٻارن جي واڌ ويجهه (سٽنٽنگ) جو معاملو وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل رهيو آهي، سٽنٽنگ جي بيماري جي شرح جي لحاظ سان پاڪستان خطي ۾ ٻئي نمبر تي آهي.
عمران خان کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، سڄي ملڪ جي 9 ضلعن ۾ 33 مرڪز قائم ڪري رهيا آهيون.
The post وزيراعظم احساس واڌ ويجهه پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment