

هلندڙ سال سمورين ڪمپنين طرفان گهٽ قيمت ۾ 5 جي اسمارٽ فونز متعارف ڪرايا پيا وڃن جيئن صارفن تائين ان جي پهچ ممڪن ٿي سگهي.
هاڻ ان ڊوڙ ۾ ڏکڻ ڪورين ڪمپني ايل جي به شامل ٿي وئي آهي جنهن پنهنجو سڀ کان سستو 5 جي اسمارٽ فون ڪي 92 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
حقيقت ۾ هي فون سام سنگ جي سستي ترين 5 جي فون گليڪسي اي 42 کان به سستو آهي جنهن جي قيمت 439 برطانوي پائونڊ (450 ڊالر) رکي وئي هئي.
ايل جي کي اِها ڪاميابي ڪوالڪوم جي ڪري حاصل ٿي جنهن جي گهٽ بجيٽ اسنيپ ڊراگون 690 فائي جي پراسيسر کي هن ڪجهه عرصو اڳ متعارف ڪرايو هو.
ڪي 92 ۾ سب6 فائيو جي نيٽ ورڪ سپورٽ موجود آهي جڏهن ته ايم ايم ويو 5 جي تائين پهچ في الحال فليگ شپ فونز جي ذريعي ئي حاصل ٿي سگهي ٿي.
ايل جي ان فون ۾ 6.7 اينچ جو ايف ايڇ ڊي پلس ڊسپلي ڏنو ويو آهي.
ان کان سواءِ 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ 2 ٽي بي تائين واڌ ايس ايس ڊي ڪارڊ سان ڪري سگهجي ٿي.
ايل جي طرفان ان ۾ اسٽيريو اسپيڪرز ڏنا ويا آهن جنهن ۾ ڪمپني جو پنهنجو ٿري ڊي سائونڊ انجڻ موجود آهي، جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر سائيڊ ۾ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 4000 ايم اي ايڇ بيٽري ڊيوائس جو حصو آهي.
فون جي بيڪ تي 4 ڪيميرائن جو سيٽ اپ آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جو آهي جيڪو ايف 1.78 آپرچ سان گڏ آهي.
ان کان سواءِ 5 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ ڪيمرا، 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ انفارميشن ۽ 2 ميگا پڪسل شوٽ ميڪرو سنسر ڊيوائس جو حصو آهي.
فون جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊيزائن سان ڏني وئي آهي.
هي فون ايندڙ هفتي سڀ کان پهرين آمريڪا ۾وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن جي قيمت 395 ڊالرز ( 63 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهي) رکي وئي آهي.
The post ايل جي جو سڀ کان سستو 5 جي اسمارٽ به اچي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment