

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اسڪاٽ لينڊ سان واسطو رکندڙ اداڪار شان ڪونري 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
شان ڪونري تجسس سان ڀرپور مقبول فلم سيريز ”جيمز بانڊ“ جي شروعاتي 7 فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽ جيمز بانڊ جي ڪردار کي امر ڪري ڇڏيو.
برطانوي نشرياتي اداري موجب شان ڪونري کي آسڪرز سميت ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ ٻه بافتا ۽ ٽي گولڊ گلوبز ايوارڊ به شامل آهن.
هن جو ڪيريئر تقريبن 3 ڏهاڪن تي ٻڌل هو ۽ ان دوران هن ڪيترين ئي فلمن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو.
شان ڪنوري کي 1988 ۾ ”دي ان ٽچ ايبلز“ نالي فلم ۾ بهترين مددگار اداڪار جي ڪيٽيگري ۾ آسڪر ايوارڊ مليو، جڏهن ته 2000 ۾ برطانيا جي راڻي کيس سر جي خطاب سان نوازيو.
شان ڪونري ايڊن برگ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ کان اڳ تابوت پالش ڪرڻ، کير کپائڻ ۽ لائف گارڊ جي نوڪري به ڪندو رهيو پر باڊي بلڊنگ جو شوق کيس فلمي دنيا ۾ آڻڻ جو سبب بڻيو ۽ هو تاريخ جي عظيم اداڪارن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو.
The post جيمز بانڊ کي مقبول بڻائيندڙ اداڪار شان ڪونري لاڏاڻو ڪري ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment