

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي زمبابوي خلاف ٻي ون ڊي ميچ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه پاڪستان ۾ موجود آهي، جيڪا ميزبان ٽيم خلاف سڀاڻي ٻي ون ڊي ميچ کيڏيندي.
ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ميزبان پاڪستان کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي، گذريل ڏينهن پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم زمبابوي کي 26 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
زمبابوي خلاف ٻي ون ڊي ميچ لاءِ 15 رڪني قومي ٽيم جو اعلان هيڊ ڪوچ مصباح الحق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشل ٽوئيٽر پيج تي جاري ڪيل ويڊيو ۾ ڪيو.
15 member squad for the 2nd #PAKvZIM ODI announced
Imam ul Haq
Abid Ali
Fakhar Zaman
Babar Azam (c)
Haider Ali
Mohammad Rizwan (wk)
Iftikhar Ahmed
Khushdil Shah
Faheem Ashraf
Imad Wasim
Usman Qadir
Wahab Riaz
Shaheen Shah Afridi
Haris Rauf
Musa Khan#HarHaalMainCricket pic.twitter.com/u2lv4wE5Cr— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) October 31, 2020
مصباح الحق ٻڌايو ته حارث سهيل جي جاءِ تي نوجوان بيٽسمين حيدر علي کي شامل ڪيو ويو آهي.
ٻي ون ڊي ميچ لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، عابد علي، فخر زمان، حيدر علي، محمد رضوان، افتخار احمد، خوشدل شاهه، فهيم اشرف، عماد وسيم، عثمان قادر، وهاب رياض، شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ موسيٰ خان شامل آهن.
The post ٻي ون ڊي، نوجوان بيٽسمين حيدر علي قومي اسڪواڊ ۾ شامل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment