ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا حملا جاري، وڌيڪ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, November 11, 2020

ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا حملا جاري، وڌيڪ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا هڪ هزار 708 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 3 لک 48 هزار 184 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ وڌي 21 هزار 98 ٿي چڪو آهي، هيل تائين 3 لک 20 هزار 65 ڄڻا ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي چڪي آهن.

انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 21 ڄڻا وائرس جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 7 هزار 21 تي پهچي ويو آهي.

The post ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا حملا جاري، وڌيڪ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages