پاڪ – ايران سهڪار جا خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي هاڪاري اثر پوندا: آرمي چيف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, November 11, 2020

پاڪ – ايران سهڪار جا خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي هاڪاري اثر پوندا: آرمي چيف


 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ۾ وڏي پئماني تي سهڪار سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي هاڪاري اثر پوندا.

پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪ فوج جي سربراهه سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ دوستاڻي لاڳاپن، سرحدي ۽ دفاعي معاملن، امن ۽ علائقائي سلامتي، خاص طور افغان مفاهمتي عمل ۽ بارڊر مئنيجمينٽ تي گفتگو ڪئي وئي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان ۽ ايران ۾ وڏي پئماني تي سهڪار سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي هاڪاري اثر پوندا.

ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جو چوڻ هو ته خطي ۾ امن، استحڪام، خاص طور افغان امن عمل ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

پوءِ جواد ظريف پنهنجي پاڪستاني هم منصب سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پڻ ٿيون.

ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفو واپار، سيڙپڪاري ۽ سيڪيورٽي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تمام اهم آهي.

ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن افغانستان ۾ امن سميت خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

شاهه محمود قريشي مظلوم ڪشميرين جي حمايت تي پاڪستاني عوام طرفان ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي کي خراج پيش ڪيو.

The post پاڪ – ايران سهڪار جا خطي ۾ امن ۽ استحڪام تي هاڪاري اثر پوندا: آرمي چيف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages