پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, November 10, 2020

demo-image

پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

lahore-seal
lahore-seal

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ سبب پنجاب حڪومت لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي جي وڌيڪ متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو.

پنجاب جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اهو سمارٽ لاڪ ڊائون 19 نومبر تائين جاري رهندو.

نوٽيفڪيشن موجب لاهور ۾ نيو مسلم ٽائون سي بلاڪ، علامه اقبال ٽائون جي رضا بلاڪ، سڪندر بلاڪ ۽ عمر بلاڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي.

هوڏانهن لاهور جي گارڊن ٽائون، ڪيولري گرائونڊ، ڊي ايڇ اي، اي ون بلاڪ، ايڇ بي ايف سي بلاڪ بي، ڊي ايڇ اي فيز 6 جي سيڪٽر اي ۽ ايل ۾ به سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عسڪري 11، انارڪلي، مزنگ، شادمان ۽ گلشن راوي به هاٽ اسپاٽ علائقا قرار ڏنا ويا آهن.

نوٽيفڪيشن موجب ملتان ۾ نقش آباد ڪالوني، گلگشت ڪالوني کيرا آباد، مپڪو ڪالوني، خواجا آباد، ملتان ڪچهري ۽ سادات ڪالوني جي علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي.

راولپنڊي ۾ فوجي فائونڊيشن يونيورسٽي، نيولاله زار، گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول کوٽا، سيٽلائيٽ ٽائون ۽ عباسي آباد جي علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون هوندو.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انهن علائقن ۾ مارڪيٽون، شاپنگ مال، ريسٽورنٽ، نجي ۽ سرڪاري آفيسون بند رهنديون، جڏهن ته عوامي ميڙاڪن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ تي به پابندي هوندي پر ميڊيڪل سروسز، ميڊيڪل اسٽور، ليبارٽريون، ڪليڪشن پوائنٽ، اسپتال ۽ ڪلينڪس 24 ڪلاڪ کليل رهنديون.

نوٽيفڪيشن موجب لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ کير جا دڪان، چڪن ۽ گوشت شاپس، بيڪريون صبح 7 کان شام 7 وڳي تائين کليل رهنديون، ان کانسواءِ گروسري اسٽور، فروٽ ۽ سبزي جا دڪان، تندور ۽ پيٽرول پمپ صبح 9 وڳي کان شام 7 وڳي تائين کليل هوندا.

پنجاب جي صحت کاتي جي سيڪريٽري چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون جو مقصد ڪورونا سان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ اچ وڃ کي محدود ڪرڻ آهي.

The post پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages