

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاڪ فوج جي فيصلي جو قدر ڪيون ٿا، سويلين سائيڊ تي به جيڪو غلط آهي ان کي غلط چوڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته پاڪ فوج جو خود احتسابي جو عمل حرڪت ۾ آيو، ڪراچي واقعي تي پاڪ فوج آفيسرن کي عهدن تان هٽايو آهي، جيڪڏهن وقت تي ڪيس داخل ٿئي ها ته معاملو وڌيڪ ڏکيو نه ٿئي ها.
هن چيو ته هاڻ سنڌ حڪومت کي پنهنجي انڪوائري رپورٽ ڏيڻي آهي، صوبائي حڪومت کي به پوليس جي ڊيوٽي ڇڏيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.
سندس موجب سنڌ حڪومت به ان ڳالهه جي ذميوار آهي ۽ ان کي ايڪشن وٺڻ گهرجي ته پوليس آفيسرن ڊيوٽي ڇڏڻ جو اعلان ڇو ڪيو، هاڻ سنڌ حڪومت کي ثابت ڪرڻو آهي ته اها به قانون جي حڪمراني کي لاڳو ڪندي ته جيئن احساس پيدا ٿئي ته ڊسيپلين ۽ احتساب هر هنڌ آهي.
The post هاڻ سنڌ حڪومت به بغاوت ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري: شبلي فراز appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment