نوڪريءَ جو ڏٽو ڏئي ناري سان لڄالٽ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, November 10, 2020

demo-image

نوڪريءَ جو ڏٽو ڏئي ناري سان لڄالٽ

girl
girl

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ نوڪري جو ڏٽو ڏئي ناريءَ کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.

جوابدارن نوڪري جي بهاني ناريءَ کي نارووال کان لاهور گهرائي هوس جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

نو لکا پوليس متاثر ناريءَ جي دانهن تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

متاثر ناريءَ جو چوڻ آهي ته جوابدار رحمان ۽ طلحه نوڪري جو ڏٽو ڏئي نو لکا ۾ هڪ ڪوارٽر ۾ وٺي ويا، جتي اڳ ئي موجود نعيم نالي شخص کي انٽرويو ڏيڻ جو چيو ويو.

ناريءَ موجب طلحه ۽ رحمان جي وڃڻ کانپوءِ نعيم مون کان موبائل فون کسي ورتي ۽ لڄالٽ جو نشانو بڻايو.

متاثر ناري ٻن ڏينهن کان ڪوارٽر مان ڀڄي گهر پهتي.

ايف آءِ آر موجب جوابدار نعيم ناريءَ سان ٻن ڏينهن تائين ڪوارٽر ۾ لڄالٽ ڪندو رهيو.

پوليس متاثر ناري جو ميڊيڪل ايگزامن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ شروع ڪئي وئي آهي.

The post نوڪريءَ جو ڏٽو ڏئي ناري سان لڄالٽ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages