”ڪرپشن ثابت ٿي ته سرعام ڦاهي چڙهنديس“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, November 10, 2020

demo-image

”ڪرپشن ثابت ٿي ته سرعام ڦاهي چڙهنديس“

meera
meera

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) فلم اسٽار ميرا چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي ڪرپشن جو الزام ثابت ٿي ويو ته سرعام ڦاهي چڙهي وينديس.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اداڪارا ميرا پاڻ تي لڳل الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته دبئي ۾ ولاز منهنجي نالي تي آهن ته پوءِ مان ڪرپشن ڇو ڪنديس؟

سندس موجب مان سڀني ايجنسين کي چوان ٿي ته منهنجو احتساب ڪن، ڇو ته مان ڄاڻان ٿي ته سچي، باڪردار ۽ پاڪ دامن آهيان.

واضح رهي ته ڪوريو گرافر لاڊا الزام هڻندي چيو آهي ته لاڪ ڊائون دوران اداڪارا ميرا غريبن جي نالي تي مبينا طور لکين رپين جو فراڊ ڪيو.

The post ”ڪرپشن ثابت ٿي ته سرعام ڦاهي چڙهنديس“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages