”بلاول ۽ مريم لاءِ بدزباني ڪندڙ وزير جو بچاءُ نه ڪرڻ گهرجي“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, November 9, 2020

demo-image

”بلاول ۽ مريم لاءِ بدزباني ڪندڙ وزير جو بچاءُ نه ڪرڻ گهرجي“

nasir-shah-1
nasir-shah-1

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه تحريڪ انصاف وارن کي بلاول ۽ مريم لاءِ بدزباني ڪندڙ وزير جو بچاءُ نه ڪرڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏوهاري کي اڳيان آندو ويو، آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا واري واقعي جي جاچ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ڪري رهيو آهي، اُميد ته رپورٽ پڌري ڪئي ويندي.

علي امين گنڊاپور جي بيانن تي تحريڪ انصاف اڳواڻن جي ردعمل جي مذمت ڪندي هن چيو ته بلاول ۽ مريم لاءِ بدزباني ڪندڙ وزير جو بچاءُ نه ڪرڻ گهرجي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيون، تسليم ڪيون ٿا ته ٽرانسپورٽ جي حوالي سان جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي ها ايترو ناهي ٿيو.

The post ”بلاول ۽ مريم لاءِ بدزباني ڪندڙ وزير جو بچاءُ نه ڪرڻ گهرجي“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages