

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا مهوش حيات پنهنجي خوابن جي شهزادي بابت ٻڌائي ڇڏيو.
يوٽيوب چئنل ناشپاتي تي نشر ٿيندڙ آن لائن شو ”بائي دا وي“ جون ڪجهه جهلڪيون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون آهن، جنهن ۾ مهوش حيات انٽرويو ڏيندي نظر اچي رهي آهي.
ان دوران اداڪارا کان ميزبان سوال ڪيو ته توهان جي خوابن جو شهزادو ڪيئن هجڻ گهرجي؟ جنهن تي مهوش حيات جواب ڏنو ته ان جو قد ڊگهو هجڻ گهرجي، رنگ ڀورو نه هجيس پوءِ به هلي ويندو پر ان شخص جي پرسنالٽي هجڻ گهرجي، ان ۾ مرداڻو رعب هجڻ گهرجي.
مهوش جو جواب ٻڌي شو جي ميزبان چيو ته توهان جي خيال موجب اهڙو هڪ شخص آهي ۽ هو گذريل چونڊن ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽ ميمبر بڻيو آهي.
اداڪارا پڇيو ته اهو شخص ڪير آهي؟ جنهن تي ميزبان وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته اهو شخص بااثر ۽ نوجوان آهي، پوءِ مهوش حيات اندازو هڻندي بلاول ڀٽو زرداري جو نالو کنيو، جنهن تي ميزبان کلندي چيو مان ته ان جو نالو نه ورتو.
The post مهوش حيات پنهنجي خوابن جي شهزادي بابت ٻڌائي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment