

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي ڏسندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس گهرائي ورتي، جنهن ۾ تعليمي ادارن جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا.
بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس 16 نومبر تي طلب ڪئي وئي آهي، شفقت محمود تي سڏ تي ڄاڻايل اجلاس سومر ڏينهن صبح 11 وڳي اين سي او سي ۾ ٿيندو.
ان حوالي سان بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس جي ميمبرن کي خط جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تعليمي ادارن ۾ ڪورونا صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ اهم فيصلا ڪيا ويندا.
The post تعليمي ادارا بند ٿيندا يا نه؟ شفقت محمود اهم اجلاس گهرائي ورتو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment