

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ بلوچستان جو صدر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ثناءُ الله زهري ن ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪوئيٽا ۾ هم خيال ساٿين جي اجلاس سان خطاب ڪندي عبدالقادر بلوچ چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ڪوئيٽا جلسي جي موقعي تي رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، بلوچستان مان ن ليگ کي 22 ميمبرن جي اڪثريت ڏيارڻ باوجود نواب ثناءُ الله زهري کي وڏ وزارت کان محروم رکيو ويو.
هن چيو ته پارٽي قيادت بلوچستان کي فيصلن ۾ نظرانداز ڪيو، نواز شريف وزارت عظميٰ جي دور ۾ ڪوئيٽا، گوادر کانسواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ جو دورو نه ڪيو، صورتحال تي معذرت ڪن ها ته شايد گنجائش ٿي پئي سگهي.
سندس چوڻ هو ته مان اڳتي لاءِ حڪمت عملي بابت مشاورت سان فيصلو ڪندس، مريم نواز جي اخلاقي تربيت اها آهي ته هن عورت ورڪرز سان هٿ به نه ملايو، عورت ورڪرز جي دل آزاري تي کانئن معذرت ڪيان ٿو.
عبدالقادر بلوچ چيو ته نواز شريف آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ جو نالو کڻي چيو ته سڀني مسئلن جو سبب اهي ئي آهن، نواز شريف چيو ته فوج، آرمي چيف جا اهي فيصلا مڃي جيڪي آئيني هجن، آئين جي تشريح ته سپريم ڪورٽ ڪندي آهي، اها پرويز مشرف جي مارشل لا جو فيصلو نه ڪري سگهي، ائين ڪرڻ فوج ۾ بغاوت جو ٻج پوکڻ آهي.
هن چيو ته ان ئي فوج سبب بلوچستان ۾ امن آيو، فوج کانسواءِ ملڪ ڪجهه ناهي، مان ڪڏهن نٿو سوچي سگهان ته پاڪ فوج خلاف ڳالهائيندڙ گروهه سان گڏ رهان، آرمي چيف جي بي عزتي برداشت نٿو ڪري سگهان.
سندس موجب اسان عزت سان سياست ڪرڻ چاهيون ٿا، بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، بلوچستان ۾ ڪاوڙيل خاندانن وٽ به ويندس، مون سان ۽ ثناءُ الله زهري سان جيڪو ٿيو، ان کانپوءِ پارٽي ۾ نٿا رهي سگهون.
عبدالقادر بلوچ چيو ته ثناءُ الله زهري کي درخواست ڪندس ته پنهنجي علائقي جي نمائندگي جاري رکي، درخواست آهي ته استعيفيٰ نه ڏئي، ڇو ته هو اسيمبلي ميمبر آهي، 3 سال رهجي ويا آهن، هو پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪري.
هوڏانهن بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ثناءُ الله به ن ليگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته اڄ کان نواز شريف جي جنهن حد تائين مخالفت ٿي سگهي ڪنداسين، اڄ کان اسان جو نواز شريف سان ڪو واسطو ناهي، نواز شريف جو اصل روپ گهٽي گهٽي ۾ ۽ گهر گهر ۾ ڏيکارينداسين.
هن چيو عبدالقادر بلوچ سان ته اهڙي بي وفائي ڪئي وئي جو ان جو چونڊ تڪ ئي ٽوڙيو ويو، ان باوجود عبدالقادر بلوچ پارٽي سان وفاداري نڀائي، ڏنگڻ نواز شريف جي فطرت ۾ شامل آهي ۽ هن پنهنجي محسنن کي به نه ڇڏيو، ضياءُ الحق جو پٽ به نواز شريف جي بي وفائي جا قصا ٻڌائيندو آهي.
The post عبدالقادر بلوچ ۽ ثناءُ الله زهري ن ليگ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment