ننڍي عمر جي ٻارڙين کي اغوا ڪري کپائيندڙ گروهه پڪڙجي پيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, November 13, 2020

demo-image

ننڍي عمر جي ٻارڙين کي اغوا ڪري کپائيندڙ گروهه پڪڙجي پيو

child
child

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ننڍي عمر جي ٻارڙين جي اغوا، خريد ۽ وڪري ۾ ملوث گروهه پڪڙجي پيو.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ گروهه جي سربراهه نجما بي بي، سندس ساٿي وقار احمد ۽ صالح محمد شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ننڍي عمر جي ٻارڙين کي اغوا يا خريد ڪري غلط ڪمن لاءِ ٻئي صوبي ۾ وٺي ويندا هئا.

پوليس موجب نوان ڪوٽ مان 13 ورهين جي ٻارڙي جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيو هو، ٻارڙيءَ کي گروهه وٽان آزاد ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

The post ننڍي عمر جي ٻارڙين کي اغوا ڪري کپائيندڙ گروهه پڪڙجي پيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages