

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي ترجمانن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي هر سطح تي اپوزيشن جو مقابلو ڪن، حڪومتي ترجمان قومي موقف فرنٽ فٽ تي اچي کيڏن.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ مددگار شريڪ ٿيا.
ذريعن موجب ترجمانن جي اجلاس ۾ قومي معاملن تي مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته اپوزيشن جي موقف، ملڪي معيشت ۽ مهانگائي تي به غور ويچار ڪيو ويو.
ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته اپوزيشن ملڪ دشمني تي لهي پئي آهي، ان جو هر حربو ناڪام بڻائينداسين.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته گيلپ سروي موجب اسان گلگت بلتستان ۾ چونڊون کٽي رهيا آهيون.
The post ملڪ دشمن اپوزيشن جو هر حربو ناڪام بڻائينداسين: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment