

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان مهمان ٽيم کي کٽڻ لاءِ رڳو 3 رنسن جو هدف ڏنو، جيڪو زمبابوي سولائي سان حاصل ڪري ورتو.
زمبابوي جي ميچ ۾ ڪاميابي سان سيريز 1-2 تان پاڪستان جي نالي رهي.
ان کان اڳ مهمان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 278 رنسون ٺاهيون هيون.
زمبابوي جي سين وليمز بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي 118 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان نوجوان فاسٽ بالر محمد حسنين پنهنجي ڪيريئر جي شاندار بالنگ ڪرائيندي 10 اوورن ۾ 26 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون.
278 رنسن جي جواب ۾ قومي ٽيم اننگز جي شروعات ۾ ئي ڏکيائين جو ٿي وئي ۽ اوپنر امام الحق پهرين ئي اوور ۾ 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته ٻيو اوپنر فخر زمان به ٻئي اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو.
ان کانپوءِ نوجوان بيٽسمين حيدر علي به گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو ۽ 13 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
قومي ٽيم جو وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون پر ڪپتان بابر اعظم ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي نه رڳو سينچري اسڪور ڪئي پر 125 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم کي 49هين اوور ۾ فتح جي ويجهو آڻڻ کانپوءِ همت هارائي آئوٽ ٿي ويو.
پاڪستان کي اننگز جي آخري بال تي 5 رنسون گهربل هيون ته فاسٽ بالر محمد موسيٰ چوڪو هڻي مقابلو برابر ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ميچ جي نتيجي لاءِ سپر اوور جو سهارو ورتو ويو.
زمبابوي طرفان بليسنگ مزرباني سڀ کان وڌيڪ 5 وڪيٽون حاصل ڪيون.
The post زمبابوي ٽين ون ڊي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي سپر اوور ۾ هارائي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment