

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر دوران نون ڪيسن ۽ فوتگين ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ 108 ڏينهن کانپوءِ هڪ ڏينهن دوران رڪارڊ 34 فوتگيون، جڏهن ته 23 جولاءِ کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 1808 ڪيس سامهون آيا آهن.
پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ covid.gov.pk موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 36686 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 1808 جا نتيجا هاڪاري آيا، جڏهن ته وڌيڪ 34 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن.
سرڪاري پورٽل موجب پاڪستان ۾ 26 جولاءِ کانپوءِ ڪورونا سان اهي سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن، جڏهن ته 23 جولاءِ کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس پڻ سامهون آيا آهن.
سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سان فوت ٿيندڙ جو ڪُل انگ 7055، جڏهن ته متاثرن جو ڪُل انگ 3 لک 49 هزار 992 ٿي ويو آهي.
انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 784 مريض ڪورونا وائرس مان صحتياب پڻ ٿيا.
The post ڪورونا وبا: پاڪستان ۾ چئن مهينن دوران رڪارڊ ڪيس ۽ فوتگيون appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment