

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ چونڊن جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ مان پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي.
گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي ترجمان فيض الله فراق موجب چونڊ سيڪيورٽي انتظام مڪمل آهن، چونڊ ڊيوٽي لاءِ پنجاب مان 3000 پوليس اهلڪار، خيبر پختونخواهه مان 2000، سنڌ مان 500 ۽ بلوچستان مان 200 اهلڪار طلب ڪيا ويا آهن.
ترجمان جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪارن کي گلگت بلتستان جي 10 ضلعن ۾ ضرورت موجب ورهايو ويو آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان پوليس جا 2506 اهلڪار به ڊيوٽي انجام ڏيندا.
سيڪيورٽي فورسز ۾ جي بي اڪائوٽس جا 965 اهلڪار، رينجرز جا 1700 ۽ ايف سي جا 100 اهلڪار به پوليس جي مدد لاءِ مقرر هوندا.
The post گلگت بلتستان چونڊن لاءِ سڄي ملڪ مان پوليس نفري طلب appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment