

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر روز پڪڙيندي پئي وڃي ۽ آئي ڏينهن ڪيسن توڙي فوتگين ۾ واڌ رڪارڊ ٿي رهي آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنهنجي تازن انگن اکرن ۾ ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 34 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب زندگيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته هڪ هزار 808 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي لهر ۾ تيزيءَ سبب اين سي او سي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت فيصلا ڪندي آئوٽ ڊور شادي تقريبن ۾ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، جڏهن ته ڪورونا وائرس جي هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.
ڪورونا وبا جي روڪٿام لاءِ اين سي او سي گذريل ڏينهن مزارون، ٿيٽر ۽ سئنيما گهر حئ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته تعليمي ادارن جي ٻيهر بندش تي به غور ڪيو پيو وڃي.
ڪورونا صورتحال کي ڏسندي اسڪولن ۾ سياري جون موڪلون تڪڙي ڪرڻ يا انهن جو مدو وڌائڻ جون به تجويزون ڏنيون آهن، ان ڏس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس گهرائي وئي آهي.
بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس 16 نومبر سومر ڏينهن ٿيندي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.
شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون تڪڙي ڪرڻ، انهن جو مدو وڌائڻ جي تجويزن تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته وبا جي روڪٿام لاءِ تعليمي ادارن جي بندش جو فيصلو به ڪري سگهجي ٿو.
The post ڇا اڱاري کان اسڪول ٻيهر بند ٿي ويندا؟ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment