

استور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اهڙي حڪومت کان موت ڀلو جنهن جي بدلي ذلت ملي.
استور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته گلگت ۾ عوام پنهنجي قسمت جو فيصلو اهڙي حڪومت جي هٿ ۾ نه ڏيندو، جيڪا ويندي نظر اچي رهي آهي، اڄ سڄو پاڪستان جهوليون جهلي عمران خان ۽ جعلي حڪومت کي پِٽي رهيو آهي، جنهن حڪومت کي ڪنڊ ڪنڊ مان بد دعائون ملي رهيون هجن، ڇا ان ئي ووٽ ڏيندئو؟
هن چيو ته عمران خان جيئن آيو هو ائين ئي ويندو، اهڙي حڪومت کان موت ڀلو جنهن جي بدلي ذلت ملي، اها ذلت حڪومت کي ملي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ ڌانڌلي جي گنجائش ناهي، جيڪڏهن ڌانڌلي جي ڪوشش ڪئي وئي ته عوام توهان کي نه ڇڏيندو، 2018 ۾ وقت ٻيو هو جو ڌانڌلي ڪئي هئي، ڌانڌلي ڪندڙ وائکا ٿي ويا آهن، اها ڌانڌلي هاڻ نظر اچي ويندي آهي.
مريم نواز چيو ته اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏيندئو، جيڪي نه عورتن جو احترام ڪن ۽ نه انسان جو، مريم نواز انهن جو پيڇو نه ڇڏيندي، انهن کي گهر تائين ڇڏي ايندي.
The post سڄو پاڪستان جهوليون جهلي عمران خان پِٽي رهيو آهي: مريم نواز appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment