

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي واقعي ۾ ملوث سنڌ رينجرز ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جي هدايت تي ڪيل جاچ موجب سنڌ رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ ڪراچي جا آفيسر قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي جي نتيجي ۾ سخت عوامي ردعمل سان پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف هئا، آفيسرن تي قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي تي قانون موجب وقت سر ڪارروائي لاءِ سخت دٻاءُ هو.
آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل آفيسرن سخت عوامي ردعمل ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي ڏسندي سنڌ پوليس جي طرز عمل کي پنهنجي سمجهه ۾ ناڪافي ۽ سستي جو شڪار محسوس ڪيو ۽ ڇڪتاڻ جي صورتحال تي ضابطي لاءِ پنهنجي حيثيت ۾ جذباني ردعمل جو مظاهرو ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل آفيسرن کي اهڙي صورتحال کان پاسو ڪرڻ گهرجي ها، جنهن سان رياست جي ٻن ادارن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون.
آءِ ايس پي آر موجب ڪورٽ آف انڪوائري جي سفارشن جي روشني ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي پنهنجي موجوده ذميوارين تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ضابطن جي ڀڃڪڙي تي انهن آفيسرن خلاف ڪارروائي جي ايڇ ڪيو ۾ عمل ۾ آندي ويندي.
واضح رهي ته قائداعظم جي مزار تي نعريبازي تي ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر کي 19 آڪٽوبر تي ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ سندس گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ تي دٻاءَ جون خبرون سامهون آيون هيون.
واقعي کانپوءِ آءِ جي سنڌ سميت صوبي جي سمورن اعليٰ آفيسرن احتجاجي طور موڪلن تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ان حوالي سان خدشن جو اظهار ڪندي آرمي چيف کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي.
پاڪ فوج جي سربراهه ڪراچي واقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪري جاچ جي خاطري ڪرائي هئي.
The post ڪراچي واقعي ۾ ملوث آءِ ايس آءِ ۽ رينجرز آفيسر معطل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment