نادرا چيئرمين جي مقرري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, August 13, 2020

demo-image

نادرا چيئرمين جي مقرري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

nadra
nadra

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) چيئرمين عثمان مبين جي مقرري خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نادرا چيئرمين جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي گهرو وزارت مقرري بابت رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو.

درخواست گذار جي وڪيل حافظ عرفات ايڊووڪيٽ چيو ته عثمان مبين جي مقرري جي عمل ۾ نادرا چيئرمين جي مقرري جو معيار تبديل ڪيو ويو، جڏهن ته تعليم، تجربي ۽ ماضي ۾ نادرا سان ڪم ڪرڻ جي نمبرن جو طريقي ڪار طئي هو.

هن چيو ته اميدوارن جي شارٽ لسٽنگ ۾ عثمان مبين جو نمبر پنجون هو، پي ايڇ ڊي جا نمبر گهٽ ۽ ايم ايس جا نمبر وڌائي عثمان مبين کي فائدو ڏنو ويو.

اٽارني جنرل چيو ته نادرا چيئرمين لاءِ عمر جي حد 55 سال هئي، جڏهن ته عثمان مبين جي مقرري وقت عمر 38 سال هئي، تجربي ۽ اشتهار موجب سڀني شرطن کي نظر ۾ رکي عثمان مبين کي مقرر ڪيو ويو.

عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

واضح رهي ته عثمان مبين کي پهريون ڀيرو 2015 ۾ ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ مقرر ڪيو ويو هو ۽ 2018 ۾ وڌيڪ 3 سالن لاءِ سندس مقرري ڪئي وئي.

The post نادرا چيئرمين جي مقرري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages