ملڪ ۾ڪورونا وبا جي فعال ڪيسن جو انگ گهٽجي 16 هزار 475 ٿي ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, August 13, 2020

demo-image

ملڪ ۾ڪورونا وبا جي فعال ڪيسن جو انگ گهٽجي 16 هزار 475 ٿي ويو

Corona
Corona

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 753 نوان ڪيس ۽ وڌيڪ 10 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ سيڪيورٽي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 753 نوان ڪيس ۽ 10 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 86 هزار 674 تائين پهچي ويو پر گڏيل فوتين جو انگ 6139 ٿي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 2 لک 64 هزار 600 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر مريضن جو انگ 1 لک 24 هزار 929، پنجاب ۾ مريضن جو انگ 94 هزار 865 رپورٽ، ڪي پي ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر مريضن جو انگ 34947، بلوچستان ۾ انگ 12044، اسلام آباد ۾ ڪورونا مان متاثر مريضن جوا نگ 15323، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 2164 ۽ گلگت بلتستان ۾ 2402 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 19 هزار 221 ٽيسٽون ڪيون ويون، سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 22 لک 5 هزار 664 ٽيسٽون ٿي چڪيون، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 144 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن، اسپتالن ۾ ڪورونا وينٽي ليٽرز جو انگ 1859 آهي، سڄي ملڪ ۾ 735 اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن لاءِ سهولتون آهن، سڄي ملڪ ۾ 735 اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ سهولتون آهن، هن وقت 1 هزار 341 مريض اسپتالن ۾ داخل آهن.

The post ملڪ ۾ڪورونا وبا جي فعال ڪيسن جو انگ گهٽجي 16 هزار 475 ٿي ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages